شاپنگ جي عادت به بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.!

news

ڪراچي: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع) جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته عورتن جو شاپنگ سان گهرو تعلق هوندو آهي ۽ انهن کي شيون خريد ڪرڻ تمام گهڻو پسند هونديون آهن پر هر شيءَ مناسب طريقي سان ڪئي وڃي ته بهتر هوندو ڇو ته ڪجهه اهڙيون به شيون آهن جنهن جو گهڻو استعمال اوهان جي لاءِ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

جيڪي عورتون شاپنگ ڪرڻ جون عادي هونديون آهن ۽ هو شاپنگ ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي نٿيون روڪي سگهن اهي هن عادت کي معمولي نه سمجهن. هڪ  تحقيق موجب 20 ماڻهن مان هڪ ماڻهو کي شاپنگ ڪرڻ جي عادت هوندي آهي جنهن کي گهٽ ماڻهو ئي سنجيده وٺندا آهن. صحت جي بحالي واري مرڪز اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هنن چيو آهي ته خريداري جي عادت  کي هڪ مرض قرار ڏئي ان کي علاج جوڳو مرض بنائي سرڪاري لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته خريداري جي عادت ۾ مبتلا ماڻهن کي روڪڻ  مشڪل لڳي ٿو ۽ ان جو نتيجو انتهائي نقصان وارو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي خطرناڪ عادت تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پريوري ويب سائيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته خريداري جي عادت جنهن کي شاپنگ ڊس آرڊر يا اونيو مينيا به چيو ويندو آهي هي معاشي ۽ معاشرتي طور تي انسان جي نفسيات کي تباهه ڪري رهيو آهي.

برطانيه ۾ هاڻ باقاعده طور تي اهڙا سينٽر کوليا ويا آهن جيڪي شاپنگ جي عادت ۾ مبتلا ماڻهن جي نفسيات تي ڪم ڪندا ۽  مذڪوره ماڻهن جي شاپنگ واري عادت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.