سموري ملڪ ۾ ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي ايڪٽيهه ٿي ويو

news

اسلام آباد: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع) سموري ملڪ ۾ ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو آهي. جن مان 9 مريضن جو تعلق اسلام آباد سان آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ مريضن جو انگ 3 هزار 8 سئو تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به ڊينگي جو مرض تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ۽ مريضن جو انگ 4 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ 3 هزار، بلوچستان ۾ 2 هزار 7 سئو کان وڌيڪ مريض ڊينگي جو شڪار آهن. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 4 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب پوٽهوهار خطي کي ڊينگي جي لاءِ خطرناڪ ترين قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته  گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڊينگي جي خطرناڪ حد تائين واڌ جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. 

صحت کاتي جي ذريعن موجب ڊينگي جي واڌ جي باري ۾ جاچ عالمي ادارن کان ڪرائي وڃي جنهن جي لاءِ عالمي صحت واري اداري، سي ٽي ڊي سي آمريڪا ۽ سريلنڪا سان رابطو ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته عالمي ماهر چئني صوبن خاص طور تي راولپندي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي دوري دوران ڊينگي لازوا ۽ وائرس تي جاچ ڪندو. ان حوالي سان  صحت کاتي جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڊينگي جي عالمي ماهرن کان جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.