پاڪستان پاران سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو

news

ڪراچي: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان سريلنڪا جي خلاف ٻئي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جو ٻيون  هڪ ڏينهن واري ميچ جو ٽاس قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کٽي پهريان بيٽنگ کي اوليت ڏني.

قومي ٽيم ۾ ڪپتان سرفراز احمد فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، حارث سهيل، افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، محمد عامر، وهاب رياض ۽ عثمان شنواري شامل آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهريون ميچ برسات سبب ملتوي ڪيو ويو هو جڏهن ته ان کان اڳ ڪراچي ۾ آخري ون ڊي انٽرنيشنل 2009 ۾ کيڏيو ويو هو.