مشهور پاڪستاني گلوڪاره رابي پيرزاده گرفتاري کان بچي وئي

news

لاهور: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع)بنا اجازت جنگلي جانور رکڻ جي ڪيس ۾ گلوڪاره رابي پيرزاده گرفتار ٿيڻ کان بچي وئي. لاهور جي ماڊل ٽائون عدالت ۾ رابي پيرزاده جي خلاف بنا اجازت جنگلي جانور رکڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالت رابي پيزاده جي 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري وارا وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.

گلوڪاره رابي پيرزاده جي خلاف وائلڊ لائيف کاتي چالان به پيش ڪري رکيو آهي. گذريل ڏينهن رابي پيرزاده جي خلاف بنا اجازت جنگلي جانور رکڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت گلوڪاره جي غير موجودگي تي ان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪيا هئا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي رابي پيرزاده جي ازدهن، نانگن ۽ واڳوئن سان گڏ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن تي جنگلي کاتي طرفان ڪارروائي ڪئي وئي هئي.

اختيارين موجب نانگ، واڳون ۽ ازدها وغيره رکڻ وائلڊ لائف ايڪٽ جي خلاف ورزي آهي. اهڙا جانور رکڻ وارن مٿان ڏنڊ ۽ پنج سال قيد جي سزا به  ملي سگهي ٿي.