پاڪستان پاران ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ من موهن سنگهه کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته ڪرتاپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو پاڪستاني اختيارين صلاح مشورن کانپوءِ ڪيو. سندس چوڻ هو ته من موهن سنگهه سک ڪميونٽي جي نمائندگي ڪندو آهي، هو چاهين ٿا ته ڀارت جو اڳوڻو وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري، اُهو من موهن سنگهه جو عقيدو آهي ۽ اسان لاءِ انتهائي محترم به آهي.

وڊيو بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني اختيارين طرفان من موهن سنگهه کي باضابطا طور دعوتنامو موڪليو ويندو. هي انتهائي اهم پروگرم آهي ۽ پاڪستان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي به اُن ۾ ذاتي دلچسپي آهي.

واضح رهي ته ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي ظلم ۽ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، اُن باوجود پاڪستان طرفان ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڪم نه روڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي سک ڪميونٽي کي به دعوت ڏني ته هو به هن تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ تشريف آڻين۽ بابا گرو نانڪ جي 550هين ڏينهن جي خوشين ۾ شامل ٿين.