گلوڪاره حميرا ارشد جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس هيڪ ڪيا ويا

news

لاهور: (سومر 30 سيپٽمبر2019ع) هيڪرن مشهور پاڪستاني گلوڪاره حميرا ارشد جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس هيڪ ڪري ڇڏيا آهن.

اداڪاره پاران هيڪرز جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب حميرا ارشاد چيو آهي ته هيڪرز طرفان ٻه ڀيرا منهنجا فيس بڪ ۽ انسٽا گرام اڪائونٽس  هيڪ ڪيا ويا آهن. جنهن سبب مون کي ذهني  اذيت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

هن ٻڌايو ته هاڻ مان سوشل ميڊيا تي نوان  اڪائونٽ ٺاهي ورتا آهن ۽ ان ۾ سيڪيورٽي فيچرز تي خاص توجه ڏني آهي. 

حميرا ارشد چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس هيڪ ڪرڻ وارن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن ٻئي کي ٻيهر ائين ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي.