لورالائي ۾ ڪمشنر آفيس ويجهو ايگل فورس تي حملو، پوليس اهلڪار شهيد

news

ڪوئيٽا: سومر30سيپٽمبر2019ع: بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ ڪمشنر آفيس ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب لورالائي ۾ ڌماڪو پوليس اسڪواڊ ويجهو ٿيو، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن پوليس ايگل اسڪواڊ هڪ شڪي موٽرسائيڪل جو پيڇو ڪري رهيو هو.

ڪمشنر لورالائي موجب ڪمشنر آفيس ويجهو ايگل فورس تي حملو ٿيو آهي، لورالائي ۾ ايگل اسڪواڊ ڪوئيٽا روڊ تي ناڪو لڳايو هو، شڪي موٽرسائيڪل جو پيڇو ڪرڻ تي ايگل اسڪواڊ  تي فائرنگ ڪئي وئي. ڪمشنر لورالائي ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ حملي آور مارجي ويو، هڪ حملي آور جي مارجڻ کانپوءِ ٻئي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو.

ڪمشنر لورالائي چيو ته حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، علائقي کي پوليس ۽ ايف سي گهيري ۾ رکيو آهي.