ٻئين ون ڊي ۾ پاڪستان پاران سريلنڪا کي ٽي سئو ڇٽيهن رنسن جو هدف

news

ڪراچي: سومر30سيپٽمبر2019ع: نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي 306 رنسن جي هدف جي جواب ۾ سريلنڪا جي بيٽنگ جاري آهي ۽ هن ٻن اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 12 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻئين ون ڊي ميچ جي ٽاس قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏني، فخرالزمان ۽ امام الحق ٽيم کي 73 رنسن جي شروعات مهيا ڪئي، امام الحق 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ فخرالزمان پنهنجي ففتي پوري ڪئي هو 54 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين موٽيو.

بابر اعظم ۽ حارث سهيل وچ ۾ 111 رنسن جي حصيداري قائم ٿي، حارث 40 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاريندي پهريان ففٽي ۽ پوءِ ڪيريئر جي يارهين سينچري پوري ڪئي ۽ هو 115 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ڪپتان سرفراز جي اننگز 8 رنسن تائين محدود رهي، عماد وسيم 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ افتخار احمد 32 رنسن جي اننگز کيڏي. قومي ٽيم ۾ ڪپتان سرفراز احمد، فخرالزمان، امام الحق، بابر اعظم، حارث سهيل، افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، محمد عامر، وهاب رياض ۽ عثمان شنواري شامل آهن جڏهن ته آصف علي، عابد علي، محمد رضوان، محمد نواز ۽ محمد حسنين کي اڄ جي ميچ ۾ نه کيڏاريو ويو آهي.