ٽنڊو ڄام لڳ ڪوارٽر ۾ گئس جمع ٿيڻ سبب زوردار ڌماڪو، هڪ ڄڻو شديد زخمي

news

ٽنڊوڄام: او جي ڊي سي ايل جي ڪنر ايل پي جي پلانٽ جي آفيسرن جي رهائشي ڪالوني جي هڪ ڪوارٽر ۾ زوردار ڌماڪو ٿي پيو، جنهن سبب ڪوارٽر کي باهه وڪوڙي ويئي.

باهه جي نتيجي ۾ او جي ڊي سي ايل جو ارسلان نالي هڪ آفيسر شديد زخمي ٿي پيو. جنهن جو 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.

زخمي ٿيل آفيسر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي سبب ڪنر پلانٽ ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي.

ڪنر پلانٽ جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪوارٽر ۾ گئس جمع ٿي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي.