ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو جو رهواسي نينگر پنجن ڏينهن کان گم، وارث سخت پريشان

news

ميرپور ماٿيلو: ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو جي رهواسي جو 5 ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلو شهر مان گم ٿيل نينگر تنوير علي ولد اسماعيل عرف موالي مزاري جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو.

جڏهن ته نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

هوڏانهن نينگر جي وارثن پاران ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي نينگر جي گُم ٿيڻ  جي اين سي پُڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي پر پوليس نينگر کي ڳولڻ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا.

جنهن بعد سندس جي وارثن پاران ڳولا جاري آهي. هوڏانهن وري نينگر جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.