ميهڙ لڳ ڳوٺ ڊرٻ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب هڪ زخمي

news

ميهڙ: ڳوٺ ڊرٻ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار تيز ٿيڻ ڪري  فائرنگ جو سلسلو  شروع ٿي  ويو.

ان دوران گوليون لڳڻ سبب روڊ سان ويندڙ ٽئڪسي ڊرائيور نياز چانڊيو زخمي ٿي پيو. فائرنگ جو اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ميهڙ ايس ايڇ او فريد آباد جي اڳواڻي ۾ وڏا پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي  زخمي ڊرائيور کي تعلقه اسپتال پهچايو۔

جڏهن ته   آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.