اوٻاوڙو لڳ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل

news

گهوٽڪي: اوٻاوڙو لڳ راونتي ٿاڻي حد ڪچي واري علائقي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ سبب نوجوان ستار پٽ غوث الدين شر قتل  ٿي ويو.

جڏهن ته جهيڙي واري هنڌ سيلاب جي پاڻي سان ڍنڍ ڀريل هجڻ ڪري راونتي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي. لاش وارث بيا ون پوليس چوڪي تي کڻائي آيا.

جتان راونتي پوليس مقتول جو لاش ٿاڻي پھچڻ بعد پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو ويو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

ڌريون مورچابند بڻجي ويون آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

ڌرين جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن جي نتيجي ۾ هي واقعو پيش آيو آهي فريادي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.