مليحه لوڌي جي جاءِ تي منير اڪرم گڏيل قومن ۾ مستقل مندوب مقرر

news

اسلام آباد: سومر30سيپٽمبر2019ع: وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۾ نئين مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب مليحه لوڌي جي جاءِ تي منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ مستقل مندوب مقرر ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اعجاز کي هنگري ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پيانگ يانگ ۾ پاڪستاني ناظم الامور کي ڪويت ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.