حڪومت پاران پيٽرول وارين شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: سومر30سيپٽمبر2019ع: حڪومت پيٽرول وارين شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن ۾ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي هئي جنهن ۾ آڪٽوبر لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيا 55 پئسا في ليٽر ڊيزل ۾ 3 روپيا 23 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي هئي.

جڏهن ته حڪومت آڪٽوبر مهيني لاءِ پيٽرول وارين شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو عالمي منڊي ۾ پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ جي رجحان سبب ڪيو ويو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر جي وچ کان عالمي منڊي ۾ پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان آهي جيڪو نومبر تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

پيٽرول جي هاڻوڪي قيمت 113 روپيا 24 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 127 روپيا 14 پئسا آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي هاڻوڪي قيمت 91 روپيا 89 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ 99 روپيا 57 پئسا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.