جاڙن شهرن سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات جو امڪان

news

اسلام آباد: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران جاڙن شهرن سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڱاري جي ڏينهن مظفر آباد سميت ڪشمير جي سمورن ضلعن، پنجاب جي ضلعن، راولپنڊي، سرگودها، گجرات، فيصل آباد، سيالڪوٽ، لاهور، ناروال ۽ اسلام آباد ۾ ڪجههه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه: مٿانهين خيبرپختونخواهه جي ضلعن مانسهره، هري پور، ايبٽ آباد، پشاور، مردان، ڪوهاٽ، پارا چنار، لکي مروت، بنون، ڊي آءِ خان، ٽانڪ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.

بلوچستان: ڏکڻ/اولهه بلوچستان جي ضلعن ڪيچ، گوادر، پنجگور ۾ ڪجهه هنڌن تي کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهيو. پر راولپنڊي، گوجرانوالا، مالاڪنڊ، هزارا، قلات، زوب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کِنُوڻ سان گڏ برسات پئي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب؛ مري 04، ناروال، 01، خيبرپختونخواهه: ڪاڪول 03، مالم جبه 01، ڪشمير: مظفرآباد(سٽي 06، ايئرپورٽ04) راولا ڪوٽ 03، بلوچستان: لسبيله 14، بارکهان 02، گلگت بلتستان: بگروٽ ۾ 02 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه رڪارڊ ڪيل گرم جڳهين جي گرمي پد ۾ نوڪنڊي، سبي 41 ۽ دالبدين ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.