بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات اڄ ٿيندي

news

اسلام آباد: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف جي وچ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي.

ذريعن موجب چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف اڄ ملاقات ڪندا. بلاول ۽ شهباز شريف جي ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ سميت قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن ارڊر تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ ڌرڻي کان بچڻ جي لاءِ وچ وارو رستو ڳوليندا. ذريعن موجب ٻنهي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جي خلاف فائنل ڪال ڏيڻ جو اڃان وقت ناهي آيو.

ذريعن موجب شهباز شريف کي ڌرڻي ۾ شرڪت کان بچڻ لاءِ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته پ پ جا اڳواڻ به في الحال مارچ يا ڌرڻي جي حق ۾ ناهن.