آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پريشانين ۾ اضافو، سندس خلاف جاچ شروع

news

واشنگٽن: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) آمريڪي ايوان ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف مواخذي جي ڪارروائي جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر جي پريشانين ۾ اضافي جو امڪان آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف جاچ جي قرارداد نومبر تائين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. جڏهن ته مواخذي جي لاءِ قرارداد نومبر تائين پيش ڪرڻ جون ڪوششون به جاري آهن.

جڏهن ته ايوان پاران انٽيليجنس، پرڏيهي معاملا ۽ نگراني ڪميٽي جي اڳواڻن طرفان به ٽرمپ جي وڪيل روڊي گوئيلياني کي خط جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو صدر ٽرمپ ۽ يوڪرائن جي اعليٰ اختيارين ۾ رابطي جو رڪارڊ پيش ڪري.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وائٽ هائوس ۾ مقرر آمريڪي سي آءِ اي جي هڪ نامعلوم آفيسر انڪشاف ڪيو هو ته صدر ٽرمپ يوڪرائين جي اڳواڻ تي دٻاءُ وڌو هو ته هو  اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ جوبائيڊن جي خلاف بدعنواني جي جاچ ڪرائي.

ان الزام تي ٽرمپ ڪاوڙجي پيو هو ۽ هن مطالبو ڪيو هو ته ان نامعلوم آفيسر جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي وڃي. ان حوالي سان پنهنجي هڪ تازي ٽوئٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سياسي مخالفن تي سخت تنقيد ڪندي لکيو آهي ته مون تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.