پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي؛ پرڏيهي وزير

news

اسلام آباد: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئرچيف مارشل مجاهد انور جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي آپريشنل تيارين ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه خطري کي منهن ڏيڻ ۽ هوائي حدن جي بچاءُ جي لاءِ پاڪ هوائي فوج جي عزم جي واکاڻ ڪئي.

پرڏيهي وزير پاڪ فضائيه جي پيشوارانه مهارت ۽ عزم حوصلي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته دشمن ڪنهن به ڀل ۾ نه رهي، قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.