ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ظلم جي انتها سبب سيپٽمبر جي مهيني ۾ سورنهن ڪشميرين شهادت ماڻي

news

سري نگر: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) ڀارت ۾ انتهاپسند هندو پارٽي(بي جي پي) جي حڪمن تي قابض وحشي صفت ڀارتي فوج رياستي ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪندي گذريل هڪ مهيني ۾ عورتن ۽ ٻن معصوم ٻارڙن سميت 16 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي قابض فوج ڇهن نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ۾ به شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت جي قابض فوج پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس رياست جي انڌي طاقت جو استعمال ڪندي صرف سيپٽمبر جي مهيني ۾ 281 ڪشميرين کي زخمي ڪيو آهي.  زخمين کي گوليون، پيلٽ گنز جا ڇرا ۽  ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ سبب زخم رسيا آهن جڏهن ته لاٺي چارج ۽ ڏنڊن سان زخمي ٿيندڙ ڪشميري جدا آهن. 

جنوني هندوئن جي مودي سرڪار مظلوم ڪشميرين کي عبادت جي به اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ جمعي جي نماز جا اجتماعات لڳائڻ تي به پابندي لاڳو ڪري رکي آهي جنهن سبب سري نگر جي جامع مسجد ۽ درگاهه حضرت بل سميت وادي جي سمورين وڏين مسجدن ۾ جمعي جي نماز نه ٿي سگهي آهي. سيپٽمبر جو مهينو ان لحاظ سان ماڻهن جي لاءِ ستمگر ثابت ٿيو ته پوري مهيني ۾  هڪ به جمعي جي نماز ادا نه ڪئي وئي.

عالمي انساني حقن جي منشور موجب ڪنهن به انسان کي ان جي مذهبي عقيدن تي عمل پيرا ٿيڻ يا ان جي مذهبي تعليمات جي روشني ۾ مذهبي فرضن جي ادائيگي کان روڪي نٿو سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀاتي فوج پاران گهر گهر تلاشي جي نالي تي 25 گهرن کي  به تباهه ڪيو ويو آهي.