شمعون عباسي جي هلندڙ مهيني رليز ٿيندڙ فلم(دُرج) تي پابندي لاڳو

news

ڪراچي: (اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع) اداڪار ۽ پروڊيوسر شمعون عباسي جي هلندڙ مهيني رليز ٿيندڙ فلم(دُرج) تي سينسر بورڊ پاران پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

شمعون عباسي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي فلم کي رليز ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان جو چوڻ هو ته پاڪستان سئنيما انڊسٽري کي هلندڙ مهيني ڪجهه مختلف ڏسڻ جو موقعو ملندو. اداڪار ۽ پروڊيوسر شمعون عباسي جي تجسس سان ڀريل فلم(دُرج) کي هلندڙ سال 11 آڪٽوبر تي سموري دنيا ۾ جڏهن ته 18 آڪٽوبر تي پاڪستان ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪرڻو هو ۽ فلم کي عالمي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ به پيش ڪرڻو هو.

فلم دُرج تي تازو ئي سمورن سينسر بورڊ طرفان پابندي لاڳو ڪئي وئي. پر پابندي لاڳو ڪرڻ جو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. فلم دُرج جي حوالي سان اداڪار جو چوڻ هو ته تمام گهڻن اداڪارن هن فلم کي ٺاهڻ جي عمل دوران ڇڏي ڏنو هو. ڪيترن اداڪارن ۾ ايتري همت نه هئي ته هو جبلن تي سخت اُس ۾ عڪسبندي ڪري سگهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان فلم تي يقين ئينٿا ڪن. واضح رهي ته دُرج جي هدايتڪاري به شمعون عباسي ئي ڪئي آهي ۽ ان جي ڪهاڻي به ان ئي لکي آهي فلم ۾ مرڪزي ڪردار به شمعون عباسي ئي ادا ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ ٻئي ڪاسٽ ۾ مائره خان، شيري شاهه، نعمان جاويد ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن.

آدم خور انسانن تي ٺهيل فلم جي اهڙي ڪهاڻي ان کان اڳ برصغير ۾ ڪنهن به ڊائريڪٽر ناهي ٺاهي. هيڊ ڊائريڪٽر شمعون عباسي ۽ پورڊڪشن ٽيم فلم کي حقيقي رنگ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي مهينا ريسرچ ڪئي ۽ انهن ڪافي وقت دنيا کان الڳ غارن ۾ رهندڙ انسانن سان گڏ گذاريو ته جيئن ان جيان زندگي جي پراسراريت کي صحيح انداز ۾ فلم ڏسندڙن جي سامهون پيش ڪري سگهون. فلم جي رليز ڪيل شروعاتي ٽريلر کي هينئر تائين يو ٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي لکين ماڻهو ڏسي ۽ تعريف ڪري چڪا آهن ۽ فلم جي رليز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.