کپرو ۾ ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب پ پ اڳواڻ اسماعيل چانهيون فوت، ٻه ڄڻا زخمي

news

کپرو: اڱارو 01 آڪٽوبر 2019ع، پ پ کپرو جي اڳواڻ محمد اسماعيل چانهيون جو نوجوان پٽ ممتاز علي چانهيون نئون آباد کان واپس ڳوٺ کپرو ٿي آيو تـ سندس ڪار روڊ جي پاسن مان مٽي کڻڻ سبب وڏن کڏن ۾ ڪري پئي.

جنهن جي نتيجي ۾ ممتاز چانهيون فوت ٿي ويو ۽ سندس دوست دودوچانهيون ،قربان ۽ مهتاب چانڊيو زخمي ٿيا .

جڏهن تـ پ پ اڳواڻ جي پٽ ممتاز چانهيون جي جنازي نماز کپرو لڳ ڳوٺ محمد اسماعيل چانهيون ۾ ادا ڪئي ويئي.

جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت مرحوم کي آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

زخمين کي تعلقا کپرو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.