بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران ٽنڊوڄام ويجهو کلي ڪچهري، عورتن جو رقم ۾ ڪٽوتي ۽ ادائيگي ۾ مسئلن جون دانهون

news

ٽنڊوڄام: اڱارو پهرين آڪٽوبر 2019ع بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران ٽنڊوڄام ويجهو کلي ڪچهري. عورتن پاران رقم ۾ ڪٽوتي ۽ ادائيگي ۾ مسئلن جون دانهون.

ڊائريڪٽر جنرل پاران مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري. خبر موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحيم شيخ پاران ٽنڊوڄام ويجهو ڳوٺ نور محمد جوڻيجو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي ويئي. کلي ڪچهري ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام حيدرآباد جي ڊويزنل ڊائريڪٽر الطاف احمد ميمڻ، قاسم آباد جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ظهير حسين راڄڙ، حيدرآباد ٻهراڙي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ، فيلڊ آفيسر محمد عمر خان يو سي ناريجاڻي جي وائيس چيئرمين غلام اڪبر جوڻيجو ۽ پيپلز پارٽي يو سي ناريجاڻي جي صدر اورنگزيب جهيجو به شرڪت ڪئي. کلي ڪچهري ۾ صوبائي تڪ پي ايس 63 سميت تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

کلي ڪچهري ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ايجنٽن ۽ موبائيل يونٽن پاران رقم جي ادائيگي تي ڪٽوتي ڪرڻ جون دانهون ڪيون. کلي ڪچهري ۾ اها به شڪايت ڪئي ويئي ته ڪارڊ گم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪارڊ وڏي ڀڄ ڊڪ ڪرڻ باوجود نٿو ڏنو وڃي. ڪجهه عورتن شڪايت ڪئي ته ڪارڊ بلاڪ ٿي وڃڻ سبب رقم جي ادائيگي نه ٿي رهي آهي. جڏهن ته بار بار چوڻ باوجود ڪارڊ کي نٿو کوليو وڃي.

گڏجاڻي ۾ ڪيترين ئي عورتن چيو ته هو تمام مستحق ۽ نادار آهن پر کين بينظير انڪم سپورٽ جو وظيفو نٿو ڏنو وڃي. آخر ۾ بي آءِ ايس پي سنڌ جي ڊي جي عبدالرحيم خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به فرد يا اداري کي بينظير انڪم سپورٽ جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جو اختيار ناهي، اهڙن فردن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي خلاف فورن ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته رقم جي ادائيگي جو آن لائين نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. جنهن ذريعي مستحق عورت اي ٽي ايم مشين تي وڃي پنهنجو آڱوٺو لڳائي رقم حاصل ڪري سگهندي. هن چيو ته نئين غربت سروي شروع ڪئي ويئي آهي. جنهن بعد رهجي ويل غريب ۽ مستحق عورتن کي به هن پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته مستحق عورتن جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ به ترجيحي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن.