سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جاري يوم دفاع انٽر فيڪلٽي ڪرڪٽ ٽورنامنٽ جو فائينل ڊي وي ايم فيڪلٽي جي ڊاڪٽر اليون کٽي ورتو

news

ٽنڊوڄام: اڱارو پهرين آڪٽوبر 2019ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جاري يوم دفاع انٽر فيڪلٽي ڪرڪٽ ٽورنامنٽ جو فائينل ڊي وي ايم فيڪلٽي جي ڊاڪٽر اليون کٽي ورتو، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٽيمن ۾ انعام ورهايا.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ جاري يوم دفاع انٽر فيڪلٽي ڪرڪٽ ٽورنامينٽ جو فائينل ڊي وي ايم فيڪلٽي جي ڊاڪٽرز اليون ۽ سوشل سائنسز هيروز جي وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ڊي وي ايم ڊاڪٽرز اليون جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ ٽيم جو ڪپتان ملڪ عثمان 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ سوشل سائنسز هيروز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 100 رنسون ٺاهي سگهي. سوشل سائنس پاران سيف ميراڻي 56 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

اهڙي طرح انٽر فيڪلٽي ڪرڪٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ڊي وي ايم ڊاڪٽرز اليون کٽي چيمپيئن بنجي ويئي. فائينل ميچ جو مين آف دي ميچ ملڪ عثمان، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو بهترين بيٽسمين جهانگير سانگي کي قرار ڏنو ويو. انهي موقعي تي فائينل ميچ جي مهمان خاص ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ ۽ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ونر ۽ رنر ٽيمن کي ٽرافيون ورهايون. ۽ ٽورنامينٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

انهي موقعي تي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ چيو ته رانديون صحتمند معاشري جي سڃاڻپ آهن، شاگردن کي پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ مختلف راندين ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي راندين جي حوالي سان ڪوبه وڏو ايونٽ منقعد ڪيو ته ان ۾ سنڌ سرڪار جي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ مڪمل سهڪار ڪندو. جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد پنهنجي سهڪار سان زرعي يونيورسٽي ۾ ايندڙ مهيني ملهه جا مقابلا ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته راندين جي سرگرمين سان معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوهه ۽ ٻين سماجي برائين کي روڪي سگهجي ٿو، اهڙا ايونٽ ڏوهن، سماجي برائن کي روڪڻ ۽ صحتمند معاشرو پيدا ڪرڻ ۾ لاڀائتا ثابت ٿيندا.

هن چيو ته ڪامياب ايونٽ ڪرائڻ تي زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ سموري انتظاميه مبارڪباد جي مستحق آهي. انهي موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي خطاب ڪندي چيو ته زرعي يونيورسٽي ۾ اڪيڊمڪ ڪيلنڊر سان گڏ اسپورٽس ڪيلينڊر پڻ موجود آھن، جنهن تحت پنهنجي شاگردن کي تعليم سان گڏو گڏ راندين جي سرگرمين جا موقعا فراهم ڪري رهيا آھيون.

هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان اسان پنهنجي اداري ۾ پڻ راندين جا مقابلا منقعد ڪرايا آهن. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي جا گرائونڊ سڄو سال آباد رهن ٿا. ان موقعي تي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزاي ٽورنامينٽ بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته زرعي يونيورسٽي  ۾ 20 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ ۾ يونيورسٽي جي پنج فيڪلٽين ۽ ٻن سينٽرن جي 44 ٽيمن حصو ورتو.

انهي موقعي تي يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر غياث الدين شاھ، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ خشڪ، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، هاسٽل پرووسٽ رياض احمد ٻرڙو، ڊائريڪٽر ڪئمپس اشرف رستماڻي، ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ منظور احمد مگسي، استاد تنظيم جي صدر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر سميت استادن، شاگردن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو وڏو انگ ۾ موجود هو.