وفاق سدائين سنڌ سان زيادتيون ڪيون آهن، گهوٽڪي مندر تي حملو آئون سنڌ تي حملو تصور ڪيان ٿو: مولانا راشد محمود سومرو

news

اڏيرولال اسٽيشن: اڱارو پهرين آڪٽوبر 2019ع.  اڏيرولال اسٽيشن  گهوٽڪي مندر تي حملو آئون سنڌ تي حملو تصور ڪيان ٿو ، نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي پر ان گستاخي جي آڙ ۾ اقليتن جي ملڪيتن ، عبادتگاهن  تي حملو ڪرڻ مطلب سنڌ تي حملو ڪرڻ آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو اڏيرولال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن جو چوڻ هو ته وفاق سدائين سنڌ سان زيادتيون ڪيون آهن هينئر به آرٽيڪل 149 ۽ ڪراچي ۾ ڪچري جي آڙ وٺي سنڌ تي قبضي جا سانباها ڪيا پيا وڃن وفاق پاران اهڙا عمل بند ڪيا وڃن جنهن سان سنڌ جي عوام ۾ نفرتون پيدا ٿين.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو اسلام آباد لاڪ ڊائون ضرورو ٿيندو پر ان جي تاريخ اپوزيشن جماعتن جي مشاورت سان طئه ڪئي ويندي ، هن جو اهو به چوڻ هوته ملڪ ۾ مهانگائي، بدامني لاقانونيت انتها تي پهچي چڪي آهي ڊالر کي پر لڳي ويا آهن ۽ پيٽرول جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي پر ملڪ جو سليڪٽڊ وزير اعظم صرف تقريرن سان عوام جي دل خوش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سليڪٽڊ وزير اعظم پهريان پنهنجي ڪيل پراڻين تقريرن ۽ واعدن تي عمل ڪري پوءِ عوام کي ٻيا خواب ڏيکاري ، اقوام متحده ۾ ڪيل سليڪٽيڊ وزير اعظم جي تقررير سان نه لڪ جي عوام کي فائدو  ٿيندو ۽ نه ئي وري ڪشميري عوام کي ڪو ان مان لاڀ حاصل ٿي سگهندو.

ڪشمير جو مسئلو صرف پاڪ آرمي ئي حل ڪري سگهي ، هن جو اهو به چوڻ هو ته پاڪ آرمي جنهن وقت ڪسميرين سان  جهاد جو اعلان ڪندي ته جمعيت هزارين ڪارڪن پاڪ آرمي سان گڏ ڪشمير جي حقن لاءِ جهاد تي نڪرندا.

ان موقعي تي ساڻس گڏ مولانا اعظم جهانگيري ، طارق ميمڻ، محمد هاشم ڇٽو، مولانا علي شير ڇٽو ، سارنگ منگواڻو، عدنان بهلم  سميت ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.