بدين جي لغاري جي رهواسي چانڊيا برادري جي ماڻهن جي پريس ڪانفرنس، احتجاج

news

بدين: اڱارو پهرين آڪٽوبر 2019ع، بدين جي لغاري پاڙي جي رهواسي چانڊيا برادري جي ماڻهن سومار چانڊيو عبدالجبار چانڊيو ۽ بين بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآهي ته اسان ڪنهن جي به پلاٽ يا گھر تي قبضو نه ڪيوآهي پاڙي ۾ رهندڙ اسان جي مائٽن رفيق چانڊيو  حفيظ چانڊيو ۽ ٻين پاران من گھڙت ۽ بي بنياد الزام هيا ويا آهن.

هنن چيوته ڄاڻايل مائٽ ڪجھ ڏينهن پهرين شراب پي اسان جي گھر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسان بدين پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد پوليس کين گرفتار ڪري وئي هوش ۾ اچڻ بعد کين غطي جو احساس ٿيو جنهن بعد اسان کان هنن معافي ورتي هاڻ هو موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ اسان تي بي بنياد الزام هڻي اسان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هنن وڌيڪ چيوته هي رات جي وقت شراب پي پاڙي ۾ گار گند ڪرڻ ۽ وڙهڻ هنن جو معمول بڻجي چڪوآهي اسان ڪيترائي ڀيرا پوليس کي پڻ ٻڌايوآهي ۽ پوليس کي پڻ سڀ خبر آهي هنن ايس ايس پي بدين ۽ اعلى اختيارين کان گھُر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيووڃي.