پيرن جي ننهن جي فنگس کان ڇوٽڪاري ۾ مددگار ٽوٽڪا

news

حيدرآباد: اڱارو01آڪٽوبر2019ع: پيرن جي آڱرين ۾ فنگس تمام عام مرض آهي جڏهن ته سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا اهڙا آهن جيڪي ان حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، جن جي سائنس به تصديق ڪري ٿي.

ميڊيا رپورٽ موجب وڪس هر جاءِ تي موجود عام شئي آهي جنهن ۾ موجود جزا جهڙوڪ يوڪلپٽس آئل ۽ ڪارفور ننهن جي فنگس جيع لاج ۾ به امڪاني طور تي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، ٽي ٽري آئل فنگس ڪش ۽ جيوڙا ختم ڪرڻ جي خاصيت رکي ٿو، اوريگانو آئل ۾ موجود جزا فنگل ۽ جيوڙاڪش هوندا آهن.

زيتون جي پنن جو ايڪسٽريٽ فنگل، جيوڙا ماريندڙ هوندو آهي، زيتون جو تيل ۽ سورج مکي جو تيل ننهن جي فنگس لاءِ ڪنهن فنگل ڪش مرهم کان وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، سرڪي کي به ننهن جي فنگس جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

لسٽرين ۾ مختلف جزا جهڙوڪ مينٿول، ٿيمول ۽ يوڪلپٽس موجود هوندا آهن جيڪي جيوڙا ۽ فنگس ڪش هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اهي پيرن جي ننهن جي فنگس لاءِ هڪ مقبول ٽوٽڪو آهي، ٿوم جيوڙا ۽ فنگل ڪش خاصيتون رکي ٿو ته امڪاني طور تي ٿوم سان به فنگس جو علاج ڪري سگهجي ٿو.