وحيد مراد جي سالگره تي گوگل پاران(ڊوڊل) بدلائي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

news

ڪراچي: (اربع 02 آڪٽوبر 2019ع) سرچ انجڻ گوگل پاران پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ فلمساز وحيد مراد جي 81هين سالگره تي ڊوڊل بدلائي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

وحيد مراد کي چاڪليٽي هيرو جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ هو 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. وحيد مراد هڪ اداڪار، فلمساز ۽ بهترين اسڪرپٽ ليکڪ به هو. هو پنهنجا دلڪش تاثرات، پرڪشش شخصيت، نرم آواز ۽ اداڪاري جي ڪري غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ به کيس هڪ مشهور ۽ بااثر اداڪار سمجهيو ويندو آهي.

چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي سالگره جي موقعي تي گوگل جي ڊوڊل به نئون انداز اپنايو آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گوگل ڊوڊل تي السٽريشن ديزائن جي ذريعي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان ڊوڊل تي ڪلڪ ڪندو ته اوهان کي پنهنجي اسڪرين تي وحيد مراد جي 81هين سالگره لکيل نظر ايندو. اهو ڊوڊل تي السٽريشن ڊزائن پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين آرٽسٽ انوشي سيد وحيد مراد جي سالگره جي موقعي جي مناسبت سان خاص طور تي ٺاهيو آهي.

وحيد مراد جامعه ڪراچي مان انگريزي ۾  اعليٰ تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1959ع ۾ فلم ساٿي کان ڪيو جنهن ۾ هن مختصر ڪردار ادا ڪيو پر هن باقاعده فلمي سفر جي شروعات 1962ع ۾ فلم(اولاد) کان ڪئي جنهن ۾ هن بطور معاون اداڪار ڪم ڪيو. مشهور اداڪار 1964ع ۾ فلم هيرا ۽ پٿر پروڊيوس ڪئي جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو مرڪزي ڪردار نڀايو ۽ پنهنجي نهايت منفرد، شرارتي ۽ رومانوي انداز سان سمورن مداحن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن پنهنجي 30 ساله فلمي ڪيريئر ۾ پاڪستان کي ڪيتريون ئي مشهور فلمون ڏنيون جن ۾ ارمان، ديور بهابهي، درپن، دوراها، جهان تم وهان هم، انجمن ۽ اولاد جهڙيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن.

چاڪليٽي هيرو ڪيترائي ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيا جڏهن ته مشهور نگار ايوارڊ ۾ کيس بهترين فلمساز ۽ بهترين اداڪار قرار ڏنو ويو. وحيد مراد مشهور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو جن ۾ خوبصورت اداڪاره زيبا بختيار، شبنم ۽ اداڪار نديم ۽ دليپ ڪمار شامل آهن. ان تي فلمايل گانا به ڪافي مشهور آهن جن ۾ ڪوڪوڪورينا، اڪيلي نه جانا، مجهي تم نظر سي گرا تو رهي هو، اي ابري ڪرم آچ اتنا  برس، آج تڪ لوگون ڪي لبون پر هين. 

وحيد مراد جي لاڏاڻي جي ڊگهي عرصي کان پوءِ نومبر 2010 ۾ پاڪستان جي حڪومت کيس ستاره امتياز سان نوازيو.  چاڪليٽي هيرو وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي پنهنجي مداحن کان جدا ٿي ويو ان جي وفات کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر ان جي باوجود هو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ رهندو آهي.