فيصل آباد ۾ اٺ ساله ٻارڙي کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

news

فيصل آباد: (اربع 02 آڪٽوبر 2019ع) پوليس ٿاڻي ترکهاني جي علائقي ۾ 8 ساله ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

فيصل آباد جي علائقي ٿاڻي ترکهاني ۾ 8 ساله ٻارڙي سعد کي مبينه بدفعلي کان پوءِ قتل ڪيو ويو. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سعد گذريل شام جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ گم ٿي ويو هو. سي پي او اظهر اڪرم ۽ ايس ايس پي آپريشنز علي رضا واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي بروقت اپريشن ڪندي جوابدار قاسم کي گرفتار ڪيو ويو.

جاچ دوران خبر پئي ته جوابدار معصوم ٻار کي درندگي جو نشانو بنائڻ کان پوءِ لاش فصل ۾ اڇلي ڇڏي. پوليس جوابدار قاسم جي خلاف ٻار کي قتل ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن ۾ دهشتگردي، قتل ۽ زيادتي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ٿاڻي ترکهاني جي علائقي ۾ ان کان اڳ به ٻارڙن سان زيادتي جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.