ايف اي ٽي ايف ڪنهن به وقت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪري سگهي ٿو: راج ناٿ سنگهه

news

نئين دهلي: (اربع 02 آڪٽوبر 2019ع) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) ڪنهن به وقت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪري سگهي ٿو.

ڀارتي اخبار کي انٽرويو ڏيڻ دوران هن پاڪستاني معيشت کي ڪمزور قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا جي اهم اجلاس جي لاءِ به بهتر جهاز جو بندوبست نه ڪري سگهيو.

راج ناٿ سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان حڪومت  جو ڌيان معيشت جي بهتري تي ناهي. گذريل مهيني هن بيان ڏنو هو ته پاڪستان سان  ڳالهيون والاريل ڪشمير تي نه صرف آزاد ڪشمير ٿي سگهن ٿيون.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ ڀارتي بچاءُ واري وزير هريانه ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڙيسري ملڪ عالمي دروازي تي دستڪ ڏني پر اسان مصروف عالمي قوتن کي اهڙن معاملن ۾ الجهائڻ نٿا چاهيون جنهن کي اسان پاڻ ئي حل ڪري سگهون ٿا.

هن پنهنجي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي ته آئين جي شق 370 جو خاتمو ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن سان اتان جي شهرين  جي زندگي جو معيار بهتر هوندو.