ڊاڪٽرن ماڪڙ کي صحت جي لاءِ بهترين خوراڪ قرار ڏئي ڇڏيو

news

ڪراچي: (اربع 02 آڪٽوبر 2019ع) ڊاڪٽرن ماڪڙ کي  صحت جي لاءِ بهترين خوراڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر ۾ ماڪڙ فرائي، ڪڙهائي ۽ برياني جي پڪوانن بابت خبرون هلايون ويون هيون جنهن تي سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي.

هاڻ ماڪڙ جي حوالي سان ڊاڪٽرن انڪشاف ڪيو آهي ته ماڪڙ ۾ پروٽينز جي وڏي مقدار هوندي آهي پر ان جي صحت جي اصولن موجب صفائي ضروري آهي. 

 ان کان علاوه ٿر ۾ ماڪڙ جي پڪوانن جي خبرن کان پوءِ هاڻ ان جي حلال ۽ حرام جي نئين بحث شروع ٿي وئي آهي.

علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ماڪڙ جو ٻوڙ مقامي سطح تي مشهور آهي پر ان کي هاڻ وڏن شهرن ۾ به وڪرو ڪيو پيو وڃي.