پاڪستان جون سفارتي ڪوششون ڪامياب: آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪشمير مسئلي تي بحث

news

واشنگٽن: (اربع 02 آڪٽوبر 2019ع) پاڪستان جي موثر سفارتي ڪوششن سبب آمريڪي ڪانگريس جي ڏکڻ ايشيا بابت سب ڪميٽي ۾ 22 آڪٽوبر کان ڪشمير مسئلي کي غور هيٺ آندو ويندو. 

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي ڪانگريس جي ايشيا بابت سب ڪميٽي جي چيئرمين براڊشرمين پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي ٿيندو جنهن ۾ آمريڪا جي ايشيا ۽ وچ اوڀر لاءِ وقتي پرڏيهي وزير ايلس ويلز به شرڪت ڪندي.

ڪانگريس جي سب ڪميٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ خاص طور تي ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالي، کاڌي پيتي جي شين جي کوت، دوائن جو فقدان، سياسي اڳواڻن جي گرفتاري ۽ مواصلاتي نظام جي جبري بندش تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

چيئرمين سب ڪميٽي براڊ شرمين چيو ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ آمريڪا ۾ موجود ڪشميري شهرين سان ملاقات ٿي هئي جيڪي ڪشمير ۾ پنهنجي وارثن سان رابطو نه ٿيڻ سبب سخت ڳڻتي ۾ مبتلا هئا. مون کي ان وقت ڪشمير جي تڪليف ڏيندڙ صورتحال ۽ ان جي سخت نوعيت جو اندازو لڳائڻ ۾ به مدد ملي هئي.