برطانيه جي زمين مان وڻن بدران فرنيچر ڦٽڻ لڳو

news

لنڊن: اربع2آڪٽوبر2019ع: برطانيه جي هڪ جهنگ ۾ زمين مان وڻن بدران ڪرسي ۽ ميزون ڦٽڻ لڳيون، هڪ وچ واري سائز جي ڪرسي کي پوکڻ ۾ 6 کان 9 سال لڳندا آهن جڏهن ته هڪ سال ڪرسي کي سڪائڻ ۾ لڳندو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب هڪ برطانوي جوڙي زمين مان فرنيچر پوکي سڀني کي حران ڪري ڇڏيو آهي، گيون ۽ ايلس منرو نالي اهو جوڙو 2 ايڪڙ جي زمين تي اهڙن وڻن جي پوک ڪندا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ ڪرسي ۽ ميز جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن.

گيون جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وڻ کي 50 سالن تائين ڦٽائڻ ۽ پوءِ ان کي ڪٽي ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪرڻ بدران اسان سوچيو ته ڇو نه اهڙا وڻ پوکيا وڃن جن جي شڪل ڪرسي ۽ ٽيبل جيان هجي، هن چيو ته اها هڪ قسم جي زين ٿري ڊي پرنٽنگ چورائيندي آهي. 

گيون ۽ ايلس منرو ٻڌايو ته انهن وڻن جي شاخن کي غلط جاءِ تي لڳائڻ بدران پهريان ئي صحيح جاءِ تي لڳايو ته جيئن جڏهن وڻ وڏا ٿين ته انهن جي شڪل ڪرسي ۽ ميز جيان هجي، هن جو چوڻ هو ته هڪ وچ واري سائز جي ڪرسي کي ڦٽڻ ۾ 6 کان 9 سال لڳندا آهن جڏهن ته هڪ سال ڪرسي کي سڪائڻ ۾ لڳندو آهي۔