ميرپور ماٿيلو ڳوٺ سبڙ بوزدار جي رهواسڻ ٿاڻي پهتي، عدالت ۾ پيش، ڀيڻ سان رهڻ جي اجازت

news

ميرپورماٿيلو:  اربع 02 آڪٽوبر 2019ع، ڳوٺ سبڙ بوزدار جي رهواسڻ مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي جروار ٿاڻي تي پهتي، جروار پوليس پاران عورت کي ميرپور ماٿيلو ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو،

عدالت پاران عورت کي سندس ڀيڻ سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،  تفصيل موجب جروار جي ڳوٺ سبڙ بوزدار جي رھواسڻ عورت بشيران لغاري مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي تحفظ لاء جروار ٿاڻي تي پھتي.

جنھن کي جروار پوليس ميرپورماٿيلو جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عورت بشيران لغاري عدالت کي ٻڌايو تہ مڙس سردار لغاري بدترين تشدد ڪندو آھي تنھن ڪري ھو مڙس سان رھڻ نہ ٿي چاھي.

پنھنجي ڀيڻ ڏانھن وڃڻ چاھي ٿي اھڙي بيان بعد عدالت سڳوري عورت کي ڀيڻ سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.