شهيد بينظير آباد جي گاوي ويڪسينيٽرن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

نوابشاهه: اربع 02 آڪٽوبر 2019ع ضلعي شهيد بينظير آباد جي گاوي ويڪسينيٽرن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ مولا بخش چانڊيو، ايوب زرداري، نظير احمد چانڊيو، غلام مرتضيٰ راهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ضلعي شهيد بينظير آباد جا گاوي ويڪسينيٽر جيڪي 2005 کان اسان پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون ۽ هر گهر ۾ وڃي نئين ڄاول ٻار کي ٽُڪا هڻي هر بيمار کان محفوظ ڪندا آهيون.

ليڪن افسوس سان اسان سنڌ جا 58 گاوي ويڪسينيٽر جن کي اڃان تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي 2010 کان وٺي پگهارون ۾ ڪٽوٽي ڪئي پئي وڃي جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي،

هنن صحت جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جو سروس اسٽريڪچر بحال ڪيو وڃي، سنڌ جي 58 گاوي ويڪسينيٽرن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ 2010 کان ويڪسينيٽيرن جي پگهارن مان ڪٽوتي واپس ڏني وڃي.