ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ترڪي جي ذميواري آهي: مصطفيٰ سينٽوپ

news

انقره: (خميس 03 آڪٽوبر 2019ع) ترڪ پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ترڪي جي ذميواري آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ترڪ پارليامينٽ کي خطاب ڪندي اسپيڪر مصطفيٰ سينٽوپ چيو آهي ته اسان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ترڪي ان مسئلي تي پاڪستان سان گڏ بيهڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو.

هن چيو ته ترڪ قوم آزادي جي جنگ دوران هندستاني مسلمانن جي مدد کي ناهي وساري سگهي ۽ نه ئي اسان ان دوستي کي وساريو آهي. ترڪ اسپيڪر چيو ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي ۽ اتي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن.

سوين ماڻهن کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ پوري سياسي قيادت کي قيد ڪيو ويو آهي.