جنيد خان عاشقي ٽو جي آڇ کي قبول نه ڪرڻ سبب پڇتائڻ لڳو

news

لاهور: (خميس 03 آڪٽوبر 2019ع) پاڪستاني گلوڪار ۽ اداڪار جنيد خان بالي ووڊ هدايتڪار مهيش بهٽ جي فلم عاشقي 2 جي آڇ کي قبول نه ڪرڻ تي پڇتائڻ جو اظهار ڪيو آهي.

جنيد خان هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته مون کي 2013 جي بالي ووڊ فلم عاشقي 2 جي آڇ ڪئي وئي هئي جيڪا مون رد ڪري ڇڏي هئي. هن ٻڌايو ته مهيش بهٽ کي عاشقي 2 جي لاءِ پاڪستان مان اداڪار گهربل هو جنهن جي لاءِ هن هڪ آن لائن مقابلو ڪيو.

کيس فلم جي لاءِ اهڙو اداڪار گهربل هو جنهن کي ڀارت ۾ ڪوبه نه سڃاڻندو هجي. ان سان گڏ ئي کيس اداڪاري ۽ گلوڪاري  ٻئي اينديون هجن. ان لاءِ مون کي فلم ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي.

جنيد خان وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن مون بعد ۾ فلم ڏٺي ته مون کي  ڏک ٿيو ڇو ته هي هڪ وڏو پليٽ فارم هو مهيش بهٽ جي پروڊڪشن هئي  ۽ ان سان گڏ فلم جا گانا به زبردست هئا. ياد رهي ته جنيد خان شوبز انڊسٽري ۾ گلوڪاري سان گڏ اداڪاري جا جوهر به ڏيکاري رهيو آهي.

جنيد خان ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 9 ۾ مشهور گلوڪاره مومنه مستحسن سان گڏ به پرفارم ڪري چڪو آهي.  واضح رهي ته بالي ووڊ فلم عاشقي ٽو 2013 جي مشهور فلم هئي جنهن ۾ اداڪاره شردها ڪپور ڊيبيو ڏنو هو.