وسيم اڪرم جي وقار يونس سان ملاقات: وهاب رياض ۽ شنواري کي مشورا ڏنا

news

ڪراچي: (خميس 03 آڪٽوبر 2019ع) 2 اڳوڻن ڪپتانن وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جي گرائونڊ ۾ ملاقات ٿي آهي جڏهن ته وسيم اڪرم وهاب رياض ۽ عثمان شنواري کي بالنگ بابت مختلف ٽپس به ڏنا.

وسيم اڪرم ۽ وقار يونس گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ ڀاڪرن ۾ پئجي ويا. ان موقعي تي وسيم اڪرم وهاب رياض ۽ عثمان شنواري کي بالنگ بابت مختلف ٽپس به ڏنا.

وقار يونس قومي ٽيم جو بالنگ ڪوچ آهي جڏهن ته وسيم اڪرم براڊ ڪاسٽر چينل جي طرف کان پچ بابت رپورٽ ڏيڻ لاءِ گرائونڊ ۾ آيو هو.

ياد رهي ته وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جي ماضي ۾ بهترين  فاسٽ بالرن جي جوڙي هوندي هئي جيڪي ڪنهن به مضبوط ٽيم  لاءِ وڏيون پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيندا هئا.