حڪومت پنج سال پورا ڪندي، اپوزيشن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن: شيخ رشيد

news

ڪراچي: (خميس 03 آڪٽوبر 2019ع) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ موجوده حڪومت 5 سال پورا ڪندي.

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته ريلوي ۾ 80 لک مسافرن جو اضافو ٿيو آهي. عمران خان کي چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ايل ون منصوبي جي اهميت هوندي. ايم ايل ون ۾ دير جي سببن کي تمام جلد ختم ڪنداسين.

ملڪي سياست تي ڳالهائيندي ريلوي جي وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪوبه لانگ مارچ نه ڪندو. سڀ طئي ٿي ويو آهي. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تمام گهڻا ڊينگي آهن جيڪي مولانا کي چڪ هڻندا. مولانا لانگ مارچ  ڪرڻ نڪتو ته  کيس ڊينگي سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو.

فضل الرحمان جو اصل ڪم عمران خان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد دعويٰ ڪئي ته اپوزيشن سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. اندر جي ڳالهه آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو.