واٽس ايپ غائب ٿيندڙ پيغامن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: خميس03آڪٽوبر2019ع: واٽس ايپ هن وقت پوري دنيا ۾ اربين ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن، ان جي ايپ آئي ڏينهن اپ ڊيٽ ٿيندي رهدني آهي، هاڻ خبر اها آهي ته واٽس ايپ پيغام ۾ وقت سان گڏوگڏ پاڻمرادو ختم ٿيڻ جو آپشن به آزمايو يوو آهي پر اهو بيٽا ورزن ۾ آهي ۽ هن وقت به لائيو ناهي، ٻئي طرف ڪمپني ان آپشن کي باقاعدا جاري ڪرڻ بابت به ڪجهه نه ٻڌايو آهي.

ان کي ڊس اپيئرنگ ميسيج جو نالو ڏنو ويوآ هي، ان جي تحت اوهان واٽس ايپ چيٽ ۾ جن ميسيجز تي نشان لڳائيندو اهو اوهان جي مقرر ڪيل وقت تي پاڻمرادو ڊليٽ ٿي ويندا، ان جو مدو پنج سيڪنڊن کان وٺي هڪ ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿو جيڪو آپشن سان به ظاهر آهي.

هن وقت گوگل پلي اسٽور تي واٽس ايپ بيٽا جو جيڪو ورزن موجود آهي ان جو نمبر v2.19.275 آهي، هن وقت اوهان جي واٽس ايپ تي شايد اهو نظر نه اچي پر ڪجهه ماڻهن کي ان آپشن تائين رسائي ڏني وئي آهي ۽ هو ان کي آزمائي رهاي آهن. بيٽا ٽيسٽر ڪنهن به سافٽ ويئر جي چڱائي ۽ برائي ڄاڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان جي ڪري ڪمپنيون پنهنجا سافٽ ويئر ۽ ايپس جي اپ گريڊ ورزن ۾ جدت پيدا ڪري ٿي.