هالا ۾ حيسڪو جي ملازمن پاران حيسڪو سميت واپڊا جي مختلف ڪمپنين سميت بجلي گهرن جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاج

news

ھالا: خميس 03 آڪٽوبر 2019ع، هالا ۾ حيسڪو سميت واپڊا جي مختلف ڪمپنين سيسڪو، آئيسڪو، ليسڪو، ميسڪو،فيسڪو، بيسڪو سميت بجلي گهرن جي امڪاني نجڪاري خلاف حيسڪو ھالا سب ڊويزن ۾ ملازمن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت احتجاج ڪيو،

ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي يونين اڳواڻ بھادرابڙو، زاھد ٻگھيو، نور حسن ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ٿا ڏيون ته حڪومت واپڊا کي خانگائڻ وارو خيال ذھن مان ڪڍي ڇڏي.