سج جي روشني سان چارج ٿي رات جو چمڪندڙ سائيڪل ٽريڪ

news

ايمسٽرڊيم: خميس03آڪٽوبر2019ع: سائيڪلن لاءِ ماحول دوست ٽريڪ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ حيران ڪندڙ ايجادون سامهون اچي  رهيون آهن، هالينڊ ۾ هن وقت سائيڪلن جو تعداد اتان جي شهرين جي تعداد کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ روز بروز وڌيڪ واڌ ٿيندي پئي وڃي.

ميڊيا رپورٽ موجب حڪومت جي به ڪوشش آهي ته ماڻهو گاڏين بدران سائيڪلن تي سفر ڪن ته جئين ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي سگهي، هالينڊ ۾ سائيڪلسٽ يونين سان تعلق رکندڙ مارٽن فان ايس جو چوڻ هو ته سائيڪلنگ جي وڌندڙ رجحان، پاليسي جوڙيندڙن ۽ انجنيئرز جي ڪري ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ ونٽر پروف سائيڪل ٽريڪ ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، سائيڪلنگ جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايجادون هالينڊ ۾ ئي ٿي رهيون آهن.

انجنيئرز جو چوڻ آهي ته هو جلد ئي اهڙو پٿر به تيار ڪري وٺندا جيڪو سموري رات بنا بجلي جي روشن رهندو جڏهن ته هڪ نئين ايجاد فان گوفي روسگارڊا نالي سائيڪل ٽريڪ آهي، جيڪو رات جو چمڪندو آهي، اهڙي هڪ ٽريڪ جو افتتاح گذريل مهيني ڪيو ويو آهي. ان ٽريڪ تي اهڙا پٿر هنيا ويا آهن جيڪي سج جي روشني سان چارج ٿيندا آهن ۽ رات جو چمڪندا آهن، ٽريڪ جو نالو مشهور مرحوم مصور فان گوفي روسگارڊا جي نالي تي رکيو ويو آهي.