ميرپور ماٿيلو ۾ اناج منڊي لڳ نيشنل هاءِ وي تي ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر، ٻه ڄڻا زخمي

news

ميرپور ماٿيلو: خميس 03 آڪٽوبر 2019ع، اناج منڊي لڳ نيشنل ھاءوي تي ڪار۽ چنگچي ۾  ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، تفصيل موجب اناج منڊي لڳ نيشنل ھاءوي تي ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر ٿي پيو۔

جنھن جي نتيجي ۾ ڪار سوار يونس اعواڻ  ۽ آحد ڀٽو زخمي ٿي پيا جڏھن تہ اتي موجود ماڻھن زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو پھچايو جتي ھنن جو علاج ھلندڙ ھو اسپتال عملي ٻڌايو تہ زخمين جو تعلق ڪراچي سان آھي.