هڪ بلڊ ٽيسٽ جيڪا ڪينسر جا قسم قسم سڃاڻي سگهي ٿي

news

نيويارڪ: خميس03آڪٽوبر2019ع: ڪينسر جا ڪيترائي قسم آهن جن جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، بروقت سڇاڻپ سان مرض تي قابو ڪرڻ چڱو آسان ٿي ويندو آهي، ان جي ڪري رت جي هڪ اهڙي ٽيسٽ تيار ڪئي وئي آهي جيڪا 20 قسمن جي ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي.

ڊينا فيبر ڪينسر انسٽيٽيوٽ جي ماهرن ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ هڪ اهڙي بلڊ ٽيسٽ آزمائي آهي جيڪا 20 قسمن جي ڪينسر جي خبر ڏئي سگهي ٿي، پرائيويٽ ڪمپني گريل انڪارپوريٽڊ اها ٽيسٽ تيار ڪئي آهي جنهن جي اهم آزمائش هارورڊ يوينورسٽي جي ڊينا فيبر انسٽيٽيوٽ ڪئي آهي.

ان ٽيڪنالاجي ۾ رت ۾ ميٿائل گروپس جي سڃاڻپ جي صلاحيت آهي جيڪي ننڍا ننڍا ڪيميائي يونٽس هوندا آهن ، اهي ننڍڙا سالمات ڪنهن ڊي اين اي سان چنبڙي ويندا آهن ۽ جين کي سوئچ آن يا آف به ڪري سگهن ٿا، اهڙي طرح جين جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جي پيٽرن ۽ روين مان ڄاڻي سگهجي ٿو ته ڪهڙو جين غير معمولي اظهار ڪندي ڪينسر جي خبر ڏئي رهيو آهي.

آزمائشي طور تي ان کي رت جي 3600 نمونن تي آزمايو ويو ته ان 99 سيڪڙو درستگي ۽ يقينيت سان ڪينسر جي خبر ڏني جيڪا هڪ اهم ڪاميابي پڻ آهي، ان کان علاوه اها ٽيسٽ ڪينسر جو درجو ۽ شدت به بيان ڪري ٿي، يعني پهرين اسٽيج جو ڪينسر 32 سيڪڙو، ٻئين درجي جو ڪينسر 76 سيڪڙو ۽ ٽئين اسٽيج جو ڪينسر 85 سيڪڙو درستگي سان بيان ڪندو آهي.