سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ پراڻي سکر ۾ مليل ٻن جوابدارن جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي

news

سکر: خميس 03 آڪٽوبر 2019ع، سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ  بئنچ  پراڻي سکر ۾ اجتماعي بدفعلي بعد باهه ڏئي ساڙي ماريل 12 ورهين جي نينگر فرخ انصاري جي قتل ڪيس ۾ ٻه ڀيرا موت جي سزا آيل ٻن جوابدارن جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي.

سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  سزا آيل جوابدارن ۽ فريادي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي عدالت وڪيلن جي دليلن بعد اي ٽي سي مان نينگر فرخ انصاري جي قتل ڪيس ۾  ٻن جوابدار واجد انصاري ۽ ڪاشف انصاري کي ٻه ٻه ڀيرا مليل موت واري سزا عمر قید ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي۔

جڏهن ته عدالت قتل ڪيس مان بري ٿيل ٻن جوابدارن وقار انصاري ۽ شاهه رخ انصاري خلاف فريادي ڌر جي درخواست رد ڪئي آهي واضح رهي ته سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سال 2018 ۾ نينگر فرخ انصاري جي قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار واجد انصاري ۽ ڪاشف انصاري کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي  عدالت قتل ڪيس مان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن جوابدارن  وقار انصاري ۽ شاهه رخ انصاري کي بري ڪيو هو