ملڪ ۾ ڊينگي جا وار: ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ انگ وڌي ويو

news

اسلام آباد: :(جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع) ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ انتهائي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. حڪومتي پاران ڊينگي جي خاتمي لاءِ کنيل قدم اڻپورا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جنهن سبب مريضن ۽ ان جي مائٽن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن  مان ڊينگي جي 110 نون مريضن کي اسپتال ۾ آندو ويو جنهن سبب هاڻ مريضن جو انگ 4117 ٿي ويو آهي.  صوبي جي مختلف اسپتالن ۾ هن وقت 203 مريض علاج هيٺ آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب نون مريضن ۾ 34 پشاور جا رهواسي آهن.

اهڙي طرح پشاور سان تعلق رکندڙ مريضن جي ڪل تعداد 2004 ٿي وئي آهي.  رپورٽ موجب مانسهره ۽ مردان سان تعلق رکندڙ 13/13 مريضن کي اسپتالن ڏاڻهن اماڻيو ويو آهي. جڏهن ته صوابي جي يارنهن رهواسين ۾ به ڊينگي جي مرض جي سڃاڻپ ٿي آهي. مليل انگن اکرن موجب شانگله جا ست، ڊي آءِ خان ۽ ڪوهستان مان پنج، پنج مريضن ۾ دينگي جي وائرس جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پنجاب جي صحت کاتي موجب هلندڙ سال ڊينگي جا متاثر 4547 مريضن کي اسپتالن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. جن مان 3925 صحتيابي کان پوٰ پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪافي اڃان تائين علاج هيٺ آهن.