فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ واري شهباز شريف جي درخواست رد

news

ڪراچي: (جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهباز شريف طرفان وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فيصل واوڊا شهباز شريف جي مقابلي ۾ اين اي 249 ڪراچي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو.

اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير فيصل واوڊا کي نااهل قرا ڏيڻ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن تي عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. شهباز شريف درخواست ۾ چيو آهي ته اليڪشن مهم دوران فيصل واوڊا ماحول سازگار بنايو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منهنجا بينر ۽ پوسٽر لاهي رهيا هئا جڏهن ته اليڪشن مهم ۾ مقابلي ۾ آيل فيصل واوڊا جا بينر ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي باوجود نه لاٿا ويا.