اداڪاره اقرا عزيز سلور اسڪرين تي ڊيبيو جي لاءِ فلم(هاف فراءِ) ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي

news

ڪراچي: (جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع) سنو چندا مان شهرت ماڻيندڙ اداڪاره اقرا عزيز هاڻ سلور اسڪرين تي ڊيبو جي لاءِ فلم هاف فرائي ۾ سندس مڱيتر ياسر حسين سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

رانجها رانجها ڪردي ۽ سنو چندا ۾ ڪمال جي اداڪاري ڏيکارڻ کان پوءِ اقرا عزيز ڊبليو فلم ۾ پنهنجي حقيقي جوڙي يعني ياسر حسين سان گڏ سلور اسڪرين تي جلوا ڏيکاريندي. 

فلم هاف فراءِ ۾ ياسر حسين ۽ اقرا عزيز کان علاوه اداڪاره فريال محمود ۽ فيضان خواجه به گڏ ڪم ڪندا. ابو عليها جي فلم هاف فراءِ ايندڙ سال 2020 ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.