بدين ۾ سُني تحريڪ پاران ڪشميرين جي حق ۾ ڀارت خلاف ريلي

news

بدين: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، بدين ۾ سُني تحريڪ پاران ڪشميرين جي حق ۾ ڀارت خلاف ريلي مودي جي پتلي کي باھ قطر مسجد الله واري چوڪ کان اهلسنت والجماعت سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري مولانا حبيب الله نعيمي ضلعي بدني جي صدرمولانا قاسم چانڊيوقاري محمد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڌي تعداد ۾ مولوين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته والاريل ڪشمير پاڪستان جو حصو ۽ اسان جي جگر جو ٽڪرو آهي ڪشميرين خلاف ٿيندڙ هر ظلم تي اسان آواز اٿارينداسين مودي سرڪار ڪشميرين تي ظلم جي حد ڪري ڇڏي آهي ڪشميرين کي ٻن مهينن کان قيد ڪري ڇڏيوآهي.

انهن جي آزادي تائين احتجاج جاري رکنداسين هنن چيوته ڀارت کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هاڻ ڪشميرين جي آزادي مقدر بڻجي چڪي آهي آخر ۾ مودي جي پتلي کي باھ ڏيئي ساڙيوويو.