اڏيرو لال اسٽيشن شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف تاجران ۽ شهرين جو احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرولال اسٽيشن: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي جي  اڻ اعلانيل لوڊشڊنگ خلاف انجمن تاجران ۽ شهرين جو عدنان بهلم ، پريم چند ، عبدالرزاق ڇٽو ، عبدالستار سهتو ، اقبال ساهووال ، سڌير ساهوال ، امين شاهه ، جي اڳواڻي ۾ لائين سپريڊنٽ امداد ڄڄڙو ، خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت  نعري بازي ڪندي چيو ته لائين سپريڊنٽ امداد ڄڄڙو اوڏيرولال اسٽيشن جي بجلي گرڊ اسٽيشن مٽياري لڳ ڳوٺ ڀٽي  کان بند ڪري 24 ڪلاڪن مان صرف 4 ڪلاڪ بجلي ڏئي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري اسان جو ڪاروبار پڻ تباهه ڪيو آهي.

انهن چيو ته ايل ايس مٽياري امداد  ايڪسين ٽنڊوآدم جو ڪاٽائو بڻيل آهي جنهن خلاف اسان ڪيتريون شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي انهن چيو ته اسان جو شهر بلن ۾ ڪليئر آهي، پر ڪرپٽ ايس ڊي او حيسڪو مٽياري غير قانوني  بجلي وڪرو ڪري ، يونٽ پورا ڪرڻ لاءِ اسان جي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي بند ڪري اسان سان ظلم ڪري  رهيو آهي.

انهن چيو ته اسان وزير اعظم ۽ وفاقي وزير بجلي کان مطالبو ٿاڪيون ته ڪرپٽ ايل ايس مٽياري امداد ڄڄڙو خلاف ڪاروائي ڪري اوڏيرولال اسٽيشن شهر مان بجلي جي آڻ اعلانيل لوڊ شڊنگ ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو ڌائرو وڌائينداسين۔