ٽنڊو ڄام ۾ حيسڪو عملي جي مختلف ڪالونين ۾ ڪارروائي، ٻه سئو کان مٿي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

news

ٽنڊوڄام: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، حيسڪو ٽنڊوڄام عملي ٽنڊوڄام شهر جي مختلف ڪالونين ۾ ڪارروائي ڪندي 200 کان مٿي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڪيتريون ئي بجلي جون تارون ساڙي ڇڏيون، حيسڪو عملي ۽ شهرين وچ ۾ چڪريون.

خبر موجب حيسڪو ٽنڊوڄام جي ايس ڊي او عملي سان گڏجي ٽنڊوڄام شهر جي ميرڪالوني، عمار ٽائون،  زرعي يونيورسٽي ڪالوني، ڄام گهر، محبوب ٽائون، لياقت ٽائون سميت مختلف ڪالونين ۾ بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي 200 کان مٿي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڪنڍي ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جون تارون لاهي حيسڪو آفيس کڻائي آيو، جتي بجلي جي تارن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو.

جڏهن ته غيرقانوني ڪنڍا ڪنيڪشن هڻندڙ شهرين ۽ حيسڪو عملي وچ ۾ ڪنيڪشن ڪٽڻ تان جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون، جتي شهرين جو چوڻ هو ته ڪنڍا ڪنيڪشن جا حيسڪو عملو هر مهيني پئسا وٺندو آهي، جڏهن ته ايس ڊي او ۽ ايڪسيئين حيسڪو ان دوران عملي کي ڇنڊ پڻ پٽي.